نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ سنجي ڀنگر جي پٽ هارمون ريپليسمينٽ ٿراپي ذريعي پنهنجي جنس تبديل ڪرائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آريان سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي جنس تبديلي بابت آگاهه ڪندي لکيو ته شروع کان ئي محسوس ٿي رهيو هو ته مان اُها ناهيان جيڪا سڃاڻپ مون کي ڏني وئي آهي.
آريان پنهنجي ڊگهي پوسٽ ۾ جنس جي تبديلي سميت مختلف مرحلن ۾ پيش آيل ڏکيائين جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.
آريان 2023ع ۾ هارمون ٿراپي ذريعي جنس تبديل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 11 مهينن کانپوءِ ٽرانس جينڊر ڇوڪري بڻجي ويو.
جنس تبديلي کانپوءِ آريان پنهنجو نالو عنايه رکيو آهي، نئين سڃاڻپ سان گڏ هن پنهنجي شوق ۽ جنون ڪرڪيٽ جو سلسلو پرڻ جاري رکيو آهي ۽ هن وقت هوءَ برطانيا ۾ ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي.
پنهنجي پوسٽ ۾ ڪرڪيٽ جي جنون ۾ مبتلا عنايه ٽرانس جينڊرز رانديگرن بابت آءِ سي سي جي نئين قانون تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي.