وفاقي سرڪار جي انتظام هيٺ اسپتالن کي پبلڪ پرائيويٽ تحت هلائڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار جي انتظام هيٺ اسپتالن کي پبلڪ پرائيويٽ تحت هلائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، اسپتالن کي سرڪاري مان سيمي گورنمينٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ به مشاورتي عمل جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت نان گزيٽڊ اسٽاف جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي لاءِ مشاورت ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، سڌارن جو مقصد پينشن جي مد ۾ خرچ گهٽائڻ آهي، هلندڙ سال پينشن جي مد ۾ هڪ هزار ارب کان وڌيڪ خرچ ٿيندو، پينشن ۾ سول ملازمن جو حصو 220 ارب ۽ دفاعي شعبي جو 665 ارب رپيا آهي.
ذريعن موجب، نئين اسڪيم مرڪز ۽ صوبن ۾ مقابلي جي امتحان ذريعي ايندڙن تي لاڳو نه هوندي، ملازمن لاءِ سڌارن تي عالمي مالياتي ادارن سان مشاورت ٿي چڪي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڌارن تي عملدرآمد لاءِ عالمي مالياتي ادارن کان ٽيڪنيڪي ۽ مالي مدد ورتي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.