عمران خان جي جيل ملاقاتن تي پابندي، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيل ملاقاتن تي پابندي ۽ سهولتن جي فراهمي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي،عدالت لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
لکت واري حڪم ۾ عدالت چيو ته جيل اختيارين عمران خان کي عدالتي حڪمن ۽ جيل ضابطن موجب سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.
سپرنٽينڊنٽ جي رپورٽ موجب عمران خان ۽ ٻين قيدين جي جيل ملاقاتن تي پابندي ختم ڪئي وئي آهي.
عدالت لکت واري حڪم ۾ چيو ته درخواست گذار جا وڪيل ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل ۽ ڊي آءِ جي جيل جي بيانن کان مطمئن آهن، جنهن سبب جيل جي سهولتن جي فراهمي جي درخواست اڪلائي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.