لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو ٽي وي چئنلن تي نشر نه ڪرڻ جو ڪو به حڪم جاري ناهي ڪيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ خانگي ٽي وي چئنلن پاران پي ٽي آءِ جي باني جي نالي کي نشر نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس فاروق حيدر پي ٽي آءِ جي اڪمل خان باري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ٽي وي چينل پي ٽي آءِ باني جو نالو نشر نه ڪري رهيا آهن، عدالت ٽي وي چئنلن کي نالو نشر ڪرڻ جو حڪم ڏئي.
عدالت ۾ جمع ڪرايل پنهنجي رپورٽ ۾ پيمرا چيو ته درخواست گذار پيمرا جي اهڙي حڪم بابت ثبوت پيش نه ڪيا.
وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته پيمرا آرڊيننس موجب درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like