بلوچستان سيڪيورٽي آف وينريبل اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ 2024 جي منظوري

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ) بلوچستان ڪابينا صوبي ۾ امن جي بحالي لاءِ سڪيورٽي ادارن جي اپائن کي اثرائتو بڻائڻ بابت ايڪٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. صوبائي ڪابينا ريلوي اسٽيشن تي بم ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي.
اجلاس ۾ بلوچستان سيڪيورٽي آف وينريبل اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ 2024 جي منظوري ڏني وئي. ايڪٽ ۾ امن جي بحالي لاءِ ذميوارين جو تعين ڪيو ويندو.
بلوچستان ڪابينا راڙا شيم ۽ ڪنگري ۾ نين پوليس اسٽيشنن جي قيام جي منظوري ڏني ۽ چمن ماسٽر پلان ليويز پوليس اسٽيشن جي قيام جي به منظوري ڏني وئي.
صوبائي ڪابينا بلوچستان سيلز ٽيڪس آن سروسز روينيو اپيليٽ ٽربيونل جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي به منظوري ڏني، جڏهن ته ڪوئيٽا ڊولپمينٽ پيڪيج لاءِ گهربل فنڊن جي به منظوري ڏني وئي.
وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ حڪومت دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي وڙهندا. نون ٿاڻن جي حدن جو تعين عوامي گهرجن موجب ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.