اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ايندڙ سال پاڪستان مان هڪ لک 79 هزار 210 شهري حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته 10 لک 75 هزار کان 11 لک 75 هزار رپيا خرچ ٿيڻ جو امڪان آهي.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين حج پاليسي 2025 جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سرڪاري حج اسڪيم لاءِ روايتي ڊگهو پيڪيج 38 کان 42 ڏينهن ۽ مختصر پيڪيج 20 کان 25 ڏينهن تي ٻڌل هوندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته سرڪاري حج اسڪيم تحت حج درخواستون 18 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين وصول ڪيون وينديون، حج لاءِ ڪڻا 6 ڊسمبر تي ڪڍيا ويندا.
You might also like