اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي ڏينهن، انڊيڪس 94 هزار جي حد پار ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر زبردست تيزيءَ جو سلسلو جاري رهيو ، هنڊريڊ انڊيڪس پهريون ڀيرو 94 هزار جي حد پار ڪري وئي.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ئي زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 700 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو.
ڪاروبار دوران هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 729 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن بعد هنڊريڊ انڊيڪس 94 هزار جي سطح پار ڪري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نئين بلندي تي پهچي وئي.
ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 356 پوائنٽس جي اضافي سان 93 هزار 648 تي بند ٿيو، هنڊريڊ انڊيڪس جي بلند ترين سطح 94 هزار 20 رهي.
مارڪيٽ ۾ 81 ڪروڙ شيئرز جا سودا 37 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزشن 78 ارب رپيا اضافي سان 12055 ارب رپيا آهي.
گذريل هفتي جي ڪاروباري ڏينهن جي آخري ڏهاڙي تي هنڊريڊ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح 93 هزار 514 تي پهتي هئي ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 771 پوائنٽس اضافي سان 93 هزار 291 تي بند ٿي هئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.