ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄ سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 13 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 77 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1115 رپيا لاٿ بعد 2 لک 37 هزار 911 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 13 ڊالر سستو ٿيڻ سان 2 هزار 6 سئو ستر ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like