ممبئي(ويب ڊيسڪ ) مشهور اداڪار اجي ديوگن ۽ عامر خان نوي جي ڏهاڪي جي بلاڪ بسٽر فلم ” عشق “ جي سيڪوئل جو اشارو ڏئي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو.
ٻنهي اداڪارن فلم ” تيرا يار هون مين “ جي مهورت جي موقعي تي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي عشق جي خوشگوار لمحن کي ياد ڪيو ۽ سيڪوئل ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
اجي ديوگن عشق جي سيٽ تي گهاريل لمحن کي ياد ڪندي چيو ته ” اسان عشق جي شوٽنگ دوران ڏاڍو انجواءِ ڪيو، اسان کي ٻيهر گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن تي عامر خان اتفاق ڪيو.
واضح رهي ته عشق 1997ع ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ اجي ديوگن، عامر خان، ڪاجول ۽ جوهي چاولا مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا.
You might also like