اسرائيلي جارحيت جي رڳو مذمت ڪافي ناهي، عملي قدم کڻڻا پوندا: اسحاق ڊار

رياض (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسرائيلي قدمن جي رڳو مذمت ڪافي ناهي، عملي قدم کڻڻا پوندا، سڄي قوم او آءِ سي ڏانهن واجهائي رهي آهي ته ڪهڙا قدم ٿي کڻي.
رياض ۾ عرب ۽ اسلامي خصوصي سربراهي ڪانفرنس تحت پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اسرائيل جي جارحاڻي قدمن جو دائرو لبنان، عراق، شام ۽ ايران تائين پکڙجي چڪو آهي، وچ اوڀر جون حالتون ابتر ٿي چڪيون آهن، اسرائيل عالمي قانونن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته فلسطين ڪاز لاءِ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسرائيل غزا ۾ ڏوهه ڪري رهيو آهي، هزارين بي ڏوهه فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي، اهڙن قدمن جي رڳو مذمت ڪافي ناهي، عملي قدم کڻڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان سدائين فلسطين ڪاز جي حمايت ڪئي آهي، فلسطينين جي حقن لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، غزا ۾ فوري طور جنگبندي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.