ڀلي سر هليو وڃي پي ٽي آءِ باني کي آزادي ڪرائي ساهه پٽينداسين: گنڊاپور

صوابي (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڀلي سر هليو وڃي، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائي ساهه پٽينداسين.
صوابي ۾ جسلي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته قرباني کانسواءِ آزادي ناهي ملندي، حقيقي آزاديءَ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي، قرباني کانسواءِ حق، آزادي ۽ عزت نه ملندي.
هن چيو ته پارٽي ۾ فيصلي جو اختيار رڳو پي ٽي آءِ باني کي حاصل آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀلي سر هليو وڃي، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائي ساهه پٽينداسين، جيستائين پي ٽي آءِ باني کي آزاد نه ڪيو ويندو واپس نه اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.