ڏکڻ ڪوريا جو اتر ڪوريا تي جي پي ايس سگنل جام ڪرڻ جو الزام

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا، اتر ڪوريا تي جي پي ايس سگنل جام ڪرڻ جو الزام لاڳو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڏکڻ ڪوريا جي فوج جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا گلوبل پوزيشننگ سسٽم ( جي پي ايس ) کي جام ڪرڻ لاءِ مسلسل سسٽم تي حملا ڪري رهيو آهي جنهن سبب ڪيئي شپس ۽ سويلين ايئرڪرافٽ آپريشنز متاثر ٿيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف خبردار ڪيو آهي ته اتر ڪوريا طرفان جي پي ايس سگنل جام ڪرڻ جي ڪوشش دوران اولهندي سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ شپس ۽ ايئرڪرافٽ آپريشنز ۾ احتياط ڪيو وڃي.
ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽس چيفس چيو ته اتر ڪوريا هيجو ڪيسونگ واري علائقي ۾ جي پي ايس جيمنگ حملا ڪري رهيو آهي جنهن سبب ڪيئي ننڍا وڏا سامونڊي جهاز ۽ سويلين ايئر ڪرافٽس آپريشنز جاري رکڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا جي فوجي اختيارين اتر ڪوريا کان فوري طور جي پي ايس جيمنگ اٽيڪ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ائين ڪرڻ جي صورت ۾ اتر ڪوريا کي پنهنجي عمل جو جواب ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.