قاضي فائز تي حملو: 23 پاڪستانين جا پاسپورٽ معطل، نالا پي سي ايل ۾ شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ حملي ۾ ملوث 23 پاڪستانين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ( پي سي ايل ) ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
پاسپورٽ اختيارين موجب، فهرست ۾ پي ٽي آءِ سپورٽر شايان علي جو نالو شامل آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ملائڪا بخاري جو نالو به پي سي ايل ۾ شامل آهي.
پي سي ايل ۾ سعيديه فهيم، فهيم گلزار، ماهين فيصل، سدره طارق، حبه طارق، وقاص چوهاڻ، محسن حيدر، ضمير اڪرم، سردار تيمور، محمد پرويز علي رخسانه ڪوثر، شيخ محمد جميل، مهراڻ حبيب، ظهير احمد، رحمان انور، محمد صادق خان، خديجه ڪاشف، محمد نويد افضل، شهزاد قريشي، سليمان علي شاهه ۽ بلال انور جا نالا شامل آهن.
ذريعن موجب، پي سي ايل ۾ انهن سمورن جوابدارن جا نالا شامل آهن جيڪي ڪيس ۾ نامزد آهن، واقعي ۾ ملوث وڌيڪ 153 ماڻهن جا نالا به پي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل 23 ڄڻن جا پاسپورٽ معطل ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن جوابدارن جي حوالگي لاءِ برطانوي اختيارين کي خط پڻ لکيو ويو آهي، پاڪستان ڊي پورٽ ڪرڻ جي صورت ۾ ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.