ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي( بي ايل اي ) قبول ڪري ورتي آهي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورت سميت 27ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
ريلوي اختيارين موجب، جعفر ايڪسپريس کي صبح 9 وڳي پشاور لاءِ روانو ٿيڻ هو، ٽرين اڃا پليٽ فارم تي نه لڳي هئي ته ڌماڪو ٿي ويو، بم ڌماڪو ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر ويجهو ٿيو.
ڪمشنر ڪوئيٽا محمد حمزا تصديق ڪئي آهي ته ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪو آپگهاتي هو، آپگهاتي بمبار سامان سان گڏ ريلوي اسٽيشن ۾ داخل ٿيو.
ٻئي طرف سول اسپتال ڪوئيٽا جي ڊاڪٽر نور الله موجب اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، طبي امداد لاءِ اضافي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي طلب ڪيو ويو آهي.
ڌماڪي جي زخمين کي ڪوئيٽا جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، اسپتال مان زخمين جي جاري ٿيندڙ فهرست موجب، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ڪجهه کي انتهائي نگهداشت يونٽ ۾ رکيو ويو آهي.
پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض ڌماڪي ۾ عورت سميت 27 مسافرن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير جي مذمت
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث عنصرن تائين پهچي ويا آهيون، صوبي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث دهشتگرد پڪڙيا ويا آهن، بلوچستان مان دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو.
صابائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي.
شاهد رند جو چوڻ هو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ موقعي تان شاهديون گڏ ڪري رهيو آهي، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، نقصان جو پتو لڳايو پيو وڃي.
آپگهاتي حملي جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪري ورتي
ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي کانپوءِ ڪالعدم بي ايل اي جي ترجمان ميڊيا ڪيل بيان ذريعي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.
You might also like