ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات غور هيٺ ناهي ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ کي ان سلسلي ۾ ڪو ٽاسڪ ناهي ڏنو ويو.
پنهنجي بيان ۾ جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو ته ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي، پي ٽي آءِ باني جي ڪيس جو فيئر ٽرائل ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ سان اپوزيشن پارٽي طور رابطو آهي ۽ رهندو.
اسلم غوري وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف سان مختلف معاملن تي ملاقاتي ۽ مشاروتي عمل جو سلسلو جاري رهندو.
You might also like