اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزير اويس لغاري چيو آهي ته وزيراعظم گذريل ڏينهن بجلي سهولت پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙو پئڪيج هر سال ڇهن مهينن لاءِ آڻيون ته جيئن عوام سياري ۾ گئس جي جاءِ تي بجلي استعمال ڪري.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بجليءَ جي اگهن ۾ عوام کي رليف ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم گذريل ڏينهن بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو هو، عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، هجلي جي سهولت وارو پئڪيج گهريلو، صنعتي، ڪمرشل سڀني واهپيدارن لاءِ آهي.
هن چيوته حڪومت عوام کي سستي بجلي جي فراهمي لاءِ سرگرم آهي، بجلي سستي ٿيڻ سان صنعتن جي پيداوار وڌندي، حڪومت اصلاحاتي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي.
اويس لغاري چيو ته اين ٽي ڊي سي ماضي ۾ بدانتظامي جو شڪار رهيو، بجلي فراهمي واري نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن، جن رٿائن کي 2016ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو اُهي 2026ع ۾ مڪمل ٿينديون.
You might also like