نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ )چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جي تصديق ڪندي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت، پاڪستان جي نرم پاليسي، ڪرڪيٽ کي سياست کي ڌار رکڻ جي خواهش ۽ بيانن باوجود پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بي سي سي آءِ طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي آگاهه ڪيو آهي ته ڀارت ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪليندو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ڀارت جي اهڙي فيصلي چيمپيئنز ٽرافي جي رٿابندي ۾نئون مسئلو کڙو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، ڀارتي بورڊ جي فيصلي کانپوءِ هاڻي آءِ سي سي ۽ پي سي بي کي هڪ نئين سر معاملن جو جائزو وٺڻو پوندو، جنهن ۾ امڪاني طور تي ” هائبرڊ ماڊل“ شامل هوندو جنهن ۾ ٽيمون پاڪستان ۾ ڪجهه ميچون کيڏنديون، جڏهن ته ڀارت پنهنجون ميچون ٻئي وينيو تي کيڏندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽورنامينٽ جي ڪجهه ميچن لاءِ گڏيل عرب رياستن کي پاڪستان جي ويجهو هئڻ سبب متبادل وينيو طور ترجيح ڏني ويندي جڏهن ته سريلنڪا جي آپشن تي به غور ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا تي سامهون آيل خبرن جي ردعمل ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين واضح لفظن ۾ چيو هوته چيمپيئنز ٽرافي تي اسان جو موقف چٽو آهي ڪو به هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪيو ويندو.
ڀارت جو چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جي دوري کان انڪار، آءِ سي سي کي آگاهه ڪري ڇڏيو
You might also like