لاهور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ لاءِ هو اڪيلو ئي ڪافي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبر پختونخوا ۾ 12 ڪاليجز بند ٿي ويا آهن، پي ٽي آءِ جو رڳو جلسن ۽ ڌرڻن تي فوڪس آهي.
هن چيو ته وائس چانسلر جي مقرريءَ جي اختيارن جي واپسي کانسواءِ به عشق جا امتحان آهن، پي ٽي آءِ لاءِ مان اڪيلو ئي ڪافي آهيان.