لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ نئين چيف آپريٽنگ آفيسر ( سي او او ) جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، گورننگ بورڊ سيد سمير حسين کي پي سي بي جو نئون سي او او مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي سي چيئرمين محسن نقويءَ جي تجويز تي سيد سمير احمد جي چيف آپريٽنگ آفيسر طور مقرريءَ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب، سلمان نصير جي پي ايس ايل ۾ بدلي ڪئي وئي آهي، سلمان نصير هاڻي چيف ايگزيڪٽيو پي ايس ايل طور خدمتون انجام ڏيندو.
ان کانسواءِ سلمان نصير پي سي بي چيئرمين جي صلاحڪار طور به ڪم ڪندو رهندو.
ذريعن موجب، سيد سمير احمد سي او او طور چارج سنڀالي ورتي آهي.
You might also like