نيوزيلينڊ هٿان شرمناڪ شڪست،بورڊ ۽ مئنيجمينٽ ۾ اختلاف وڌي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ )نيوزيلينڊ جي هٿان پنهنجي ئي سرزمين تي شرمناڪ وائيٽ واش شڪست جو منهن ڏسندڙ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم مئنيجمينٽ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، آسٽريليا روانگي کان اڳ ڪپتان، ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر کي بي سي سي آءِ هيڊ ڪوارٽر طلب ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽ موجب، اهم گڏجاڻي ۾ ڀارتي بورڊ طرفان راجر بني، جئه شاهه ۽ ٻيا اهم عهديدار موجود هئا، ڇهن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ميٽنگ ۾ مئنيجينٽ آڏو ٽيم جي ڪارڪردگي بابت ڪيئي سوال اُٿاريا ويا.
ڀارتي ٽيم جي ٿنڪ ٽينڪ ۾ ڪپتان روهت شرما، ڪوچ گوتم گمڀير ۽ چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر شامل هئا، گڏجاڻي ۾ گوتم گمڀير جي ڪوچنگ جي طريقيڪار تي به ڳالهايو ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب، گوتم گمڀير کي راهول ڊريوڊ کان مختلف ڪوچ قرار ڏنو ويو جڏهن ته ڪپتان، ڪوچ ۽ سليڪٽر به هڪ پيج تي نه آهن.
ان کانسواءِ گڏجاڻي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ جسپريت بمرا کي آرام ڏيڻ بابت پڻ سوال اُٿاريا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.