هاڻي ڪو به ملڪ قرض رول اوور ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪو به ملڪ ڊپازٽ ۽ رول اوور ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، چين، سعودي عرب، يو اي اي سميت دوست ملڪن کان سيڙپڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، چين سان سي پيڪ فيز ون انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ هو، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو بزنس ٽو بزنس آهي، اسلام آباد لٽريچر فيسٽيول کي خطاب ڪندي چيو ته  ملڪ چندي تي نه هلندو آهي، ٽيڪس تي هلندو آهي، سڀني کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف سان قرض جي معاهدي ۾ ڪا به ڳجهي ڳالهه ناهي، هن چيو ته حڪومت جو ڪم رڳو پاليسي ڏيڻ آهي، ڪاروبار رڳو پرائيويٽ سيڪٽر جو ڪم آهي، محمد اورنگزيب مني بجيٽ بابت صحافي جي سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته الله خير ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.