پاسپورٽ ٺهرائيندڙن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽس جي نئين فيس جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حڪومت طرفان اي پاسپورٽ، مشين ريڊ ايبل( ايم آر پي) ۽ گم ٿيل پاسپورٽس جاري ڪرڻ لاءِ ڌار ڌار فيس مقرر ڪئي وئي آهي.
اي پاسپورٽ ( 36 صفحا) 5 سالن لاءِ نارمل فيس ٽي هزار رپيا ۽ ارجنٽ پندرنهن هزار رپيا هوندي، 75 صفحن واري نارمل پاسپورٽ لاءِ فيس 15 هزار پنج سئو رپيا، ارجنٽ لاءِ 27 هزار رپيا ڏهن سالن لاءِ هوندي.
36 صفحن جي اي پاسپورٽ لاءِ ساڍا تيرنهن هزار رپيا، ارجنٽ چويهه هزار ست سئو پنجاهه رپيا، 75 صفحن جي نارمل اي پاسپورٽ لاءِ ساڍا 16 هزار رپيا، ارجنٽ لاءِ 27 هزار رپيا ۽ ڏهن سالن لاءِ نارمل فيس 24 هزار 750 رپيا ۽ ارجنٽ لاءِ فيس ساڍا چاليهه هزار رپيا هوندي.
مشين ريڊ ايبل ( ايم آر پي ) پاسپورٽ 5 سال 36 صفحن جي نارمل پاسپورٽ جي فيس 4500 رپيا، ارجنٽ 7500 رپيا، فاسٽ ٽريڪ پاسپورٽ لاءِ فيس ساڍا 13 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
72 صحفا ڏهن سالن لاءِ ايم آر پي نارمل پاسپورٽ فيس 6700 رپيا، ارجنٽ فيس 11 هزار 200 رپيا ۽ فاسٽ ٽريڪ فيس 16 هزار 200 رپيا رکي وئي آهي.
72 صحفا پنج سالن لاءِ نارمل ايم آر پي فيس 8200 رپيا، ارجنٽ ساڍا 13 هزار رپيا، فاسٽ ٽريڪ فيس ساڍا 19 هزار رپيا، 100 صفحا ايم آر پي فيس نارمل 9 هزار رپيا، ارجنٽ 18 هزار رپيا، فاسٽ ٽريڪ 23 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ڏهن سالن لاءِ آيم آر پي 100 صحفا نارمل فيس ساڍا 13 هزار رپيا، ارجنٽ فيس 17 هزار رپيا، فاسٽ ٽريڪ فيس 32 هزار رپيا مقرر هوندي.
پهريون، ٻيو ۽ ٽيون ڀيرو گم ٿيل پاسپورٽ لاءِ به ڌار ڌار فيس مقرر ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو گم ٿيل پاسپورٽ جي 54 هزار رپيا ۽ ٽيون ڀيرو گم ٿيڻ تي ٽي لک 56 هزار رپيا فيس وصول ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.