ڀارتي صحافي وڪرانت گُپتا آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا چيو ته ميڊيا ذريعي ئي ويڙهه وڙهي پئي وڃي، جيڪڏهن پاڪستان اِهو سمجهي رهيو آهي ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان وڃڻ انڪار ڪري غلط ڪيو آهي ته اِها ڀُل آهي.
هن چيو ته ڪنهن به موقعي تي اِهو محسوس نه ٿي رهيو هو ته ڀارت ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ پاڪستان ويندو.
هن چيو ته اِهو معاملو آءِ سي سي جي به هٿ ۾ ناهي، هي سمورو معاملو ڀارتي حڪومت جي هٿ ۾ آهي، آءِ سي سي ٽورنامينٽ جنهن به ملڪ ۾ شيڊيول هوندي آهي اتي سڀ ويندا آهن پر ڀارت ۽ پاڪستان جون حالتون مختلف آهن.
سندس چوڻ هو ته اِهو چوڻ غلط آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آفيشلي يا باظباطا طور اڄ اوچتو آگاهه ڪيو ويو آهي.
وڪرانت گپتا موجب، ڀارتي ميڊيا ذريعي خبر ڏيڻ جو مقصد اِهو هو ته پاڪستان کي ذهني طور تيار ڪيو ويو آهي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ايندي، حڪومت ميڊيا ذريعي اِها ڳالهه پاڪستان تائين پهچائي.
پروگرام دوران اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان راشد لطيف چيو ته جيڪڏهن سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي ڀارت، پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪندو ته اِهو غلط آهي.
هن چيوته جيڪڏهن آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏي سگهن ٿيون ته ڀارت کي مضبوط جواز پيش ڪرڻو پوندو.
واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه ايندي، ميچون نيوٽرل وينيو تي کيڏڻ لاءِ تيار آهي پر ڀارتي ٽيم پاڪستان جو دورو نه ڪندي.
You might also like