باربيڊوس ( و يب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز فاسٽ بالر الزاري جوزف کي ظابطن ۽ پروفيشنل ازم جي اصولن جي ڀڃڪڙي تي ٻن ميچن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو.
الزاري جوزف انگلينڊ خلاف باربيڊوس ۾ کيڏيل ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڪپتان شاءِ هوپ طرفان فيلڊ سيٽ ڪرڻ تي احتجاجن ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز موجب، واقعو ڊسپلن ۽ پروفيشنل ازم جي ظابطن جي خلاف آهي، انڪري فاسٽ بالر کي ٻن ميچن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جو چوڻ آهي ته پروفيشنل ازم ۽ ساليمت جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ لاءِ الزاري جوزف کي ٻن ميچن لاءِ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .
ٻئي پاسي الزاري جوزف واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو ذاتي طور ڪپتان شاءِ هوپ، پنهنجي ساٿين ۽ مئنيجمينٽ کان معافي گهري ٿو.
You might also like