سعودي عرب جو ريگستان پهريون ڀيرو برف سان ڍڪجي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب جو ريگستان برف سان ڍڪجي ويو.
سعودي عرب جي ريگستاني علائقي الجوف ۾ پهريون ڀيرو برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جيان سعودي عرب به موسمياتي تبديلين سان متاثر ٿيو آهي.
سعودي عرب جو شمار ريگستاني ۽ گرم علائقن ۾ ٿيندو آهي پر اتي تيز برساتون، ڳڙو، جبلن ۽ ريگستانن ۾ ساوڪ به رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان عرب امارات جي نيشنل سينٽر آف ميٽرولاجي طرفان ٻڌايو ويو ته اهو سسٽم وڏي مقدار ۾ هوا ۾ گهم ۽ ريگستان جي گرمي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ٺهيو، جنهن سبب ڳڙو ۽ برفباري ٿي.
برفباري کانپوءِ ريگستاني علائقي الجوف ۾ منظر ئي مَٽجي ويو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شهري اتي پهچي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.