پاڪستان جي وائيٽ بال ڪوچنگ ۾ دلچسپي ناهي: جيسن گليسپي

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ ) جيسن گليسپي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وائيٽ بال فارميٽ ۾ ڪوچنگ جي ذميواري سنڀالڻ ۾ عدم دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي.
جيسن گليسپي آسٽريليا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وائيٽ بال فارميٽ ۾ رڳو عارضي ڪوچنگ جي ذميواري سنڀالي آهي، في الحال وائيٽ بال فارميٽ ۾ مستقل ڪوچنگ ڪرڻ جو خواشمند نه آهيان.
سندس چوڻ هوته پاڪستان جي وائيٽ بال ڪوچنگ لاءِ نالو نه ڏنو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ريڊ بال جي ڪوچنگ جي معاهدي جو مقصد ئي اِهو هو ته پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذاري سگهان.
ياد رهي ته گيري ڪرسٽن پاڪستان ٽيم جي آسٽريليا جي دوري لاءِ روانگي کان ڪجهه ڏينهن اڳ استعيفيٰ ڏني هئي.
ريڊ بال فارميٽ جي ڪوچ جيسن گليسپي کي آسٽريليا جي دوري لاءِ عارضي طور وائيٽ بال ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.