ڀارت جو چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار، هائبرڊ ماڊل نه قبوليو ويندو: محسن نقوي

اسلام آباد/ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بي سي سي آءِ چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي بورڊ جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بي سي سي آءِ پاڪستان کي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪري چڪو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جون ميچون هائبرڊ ماڊل تحت دبئيءَ ۾ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، بي سي سي آءِ، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سميت پي سي بي کي پنهنجي خدشن بابت آگاهه ڪري چڪو آهي.
ٻئي پاسي بي سي سي آءِ جي چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ وارين خبرن تي ردعمل ڏيندي پي سي بي چيئرمين چيو آهي ته راند کي سياست کان پري رکڻ گهرجي، ڀارت جي نه اچڻ باوجود هو پنهنجون تياريون جاري رکندا.
قذافي اسٽيڊم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڀارتي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته بي سي سي آءِ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ باظابطا طور ٽورمانيٽ ۾ شرڪت يا انڪار بابت لکت ۾ جواب ناهي ڏنو.
هن چيو ته بي سي سي آءِ طرفان ڪنهن به قسم جو لکت ۾ جواب ناهي مليو، ٽورنامينٽ هائبرڊ ماڊل تحت ڪرائڻ واري تجويز قبول نه ڪئي ويندي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڀارتي بورڊ باظابطا طور پاڪستان نه اچڻ جو اعلان ڪيو ته هو حڪومت ڏانهن ويندو ۽ پوءِ حڪومت جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو.
محسن نقوي چيو ته ٻن مهينن کان ڀارتي ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ڀارتي ٽيم پاڪستان جو دورو نه ڪندي، چاهيون ٿا ته راند ۾ سياست نه هجي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين خير سگالي مظاهرو ڪيو آهي پر هر واري اسان مان اِها اميد نه رکي وڃي، جيڪڏهن خدشا آهن ته پي سي بي کي لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۾ شيڊيول آهي، جنهن لاءِ بي سي سي آءِ کانسواءِ ٻيا سمورا بورڊ پنهنجون ٽيمون پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.