برن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزر لينڊ ۾ عورتن جي برقعي پائڻ تي پهرين جنوري 2025 کان پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پابندي لڳڻ کانپوءِ مسلمان عورتون عوامي جاين تي برقعو نه پائي سگهنديون، پابندي جي ڀڃڪڙي تي هڪ هزار ڊالرن کان مٿي ڏنڊ ڀرڻو پوندو.
بيان موجب هوائي جهازن ۽ سفارتخانن ۾ اها پابندي لاڳو نه ٿيندي، ان کانسواءِ عبادتن گاهن ۾ مسلمان عورتون نقاب پائي سگهن ٿيون.
سوئٽزر لينڊ ۾ برقعي تي پابندي وارو فيصلو 2021 ۾ ٿيو هو، جنهن تي مسلم تنظيمن مزاحمت به ڪئي هئي.
سوئس حڪومت جي فيڊرل ڪائئنسل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان برقعي جي پابندي کي عملي طور لاڳو ڪري تاريخ طئي ڪري ڇڏي آهي.
You might also like