پارليامينٽ هائوس جي راهدارين ۾ موبائل وڊيوز ٺاهڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ هائوس جي راهدارين ۾ موبائل وڊيوز ٺاهڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي ترجمان موجب ڀڃڪڙي ڪندڙ جي موبائل فون ضبط ۽ پارليامينٽ ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي.
ذريعن موجب ڪجهه صحافي ميمبرن جي رضامندي بنا انٽرويوز ۽ تاثر رڪارڊ ڪندا آهن، ان عمل تي قومي اسيمبلي ميمبرن اسپيڪر کي شڪايتون ۽ خدشن کان آگاهه ڪيو هو.
قومي اسيمبلي ترجمان موجب اسپيڪر پارليامينٽ ميمبرن جي شڪايتن تي اهو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.