چيمپيئنز ٽرافي 2025: آءِ سي سي وفد جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان ايندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ آءِ سي سي وفد 11 نومبر تي پاڪستان ايندو.
ذريعن موجب آءِ سي سي وفد چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان اسٽيڊيم جي تعميراتي ڪمن جو جائزو وٺندو.
مهمان وفد قذافي اسٽيڊيم لاهور، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۽ راولپنڊي اسٽيڊيم جو دورو ڪندو، ان دوران ايونٽ جي شيڊيول جو اعلان ٿيڻ جو به امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مهمان وفد پنهنجي دوري دوران پاڪستان ۾ هوٽلن سميت ٻين هنڌن جو به دورو ڪندو.
تجويز ڪيل شيڊيول موجب چيمپيئنز 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين کيڏي ويندي پر ان حوالي سان باضابطا اعلان آءِ سي سي طرفان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.