نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو مڃيل اداڪار سنيل شيٽي شوٽنگ دوران حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب سنيل شيٽي پنهنجي نئين سيريز ”هنٽر 2“ جي شوٽنگ دوران ايڪشن سين فلمائيندي زخمي ٿي پيو.
ڊاڪٽرن کي فوري طور سيٽ تي گهرايو ويو، جتي اداڪار جو ايڪسري به ڪيو ويو، جنهن سان معلوم ٿيو ته کيس هڏن ۾ گهڻو ڌڪ لڳو آهي.
اداڪار جي ٽيم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هو سخت تڪليف ۾ آهي، کيس في الحال سوٽنگ کان روڪيو ويو آهي.
هوڏانهن سنيل شيٽي انسٽاگرام اسٽوري تي فينز کي پنهنجي صحت بابت اطلاع ڏنو ته هو ٿورو زخمي ٿيو آهي، جلدي شوٽنگ تي واپس ويندو.
You might also like