سلمان کانپوءِ شاهه رُخ کي به قتل جي ڌمڪي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کانپوءِ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي به موتمار ڌمڪي ملي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي جي باندرا پوليس اسٽيشن ۾ هڪ ڪال موصول ٿي ۽ فون ڪرڻ واري شاهه رخ خان کان 50 لک ڀنڳ گهريو، گڏوگڏ عدم ادائيگي جي صورت ۾ نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي ڏني.
رپورٽن موجب پوليس کي آيل ڪال ڇٽيهه ڳڙهه جي شهر رائپور کان ڪئي وئي، ٽريس ڪرڻ کانپوءِ نمبر فيضان نالي ماڻهو جو نڪتو پر جوابدار موجب ان جو فون ٻه نومبر تي چوري ٿي ويو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان کي ڌمڪي واري ڪال جو ڪيس باندرا پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو آهي ۽ جانچ جاري آهي.
واضح رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ فلم “پٺان” ۽ “جوان” جي ڪاميابي کان پوءِ به شاهه رخ کي موتمار ڌمڪيون مليون هيون، جنهن کان پوءِ کيس واءِ پلس سيڪيورٽي ڏني وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.