نيشنل وومينز ون ڊي ٽورنامينٽ سڀاڻي کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل وومينز ون ڊي ٽورنامينٽ سڀاڻي کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي.
5 ٽيمن جي ان ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا مينٽورز به رانديگرن سان گڏ ڪم ڪندا.
ٽورنامينٽ جي انعامي رقم 33 لک رپيا آهي، جنهن مان فاتح ٽيم کي 15 لک رپيا ملندا.
ايونٽ جون ميچون يو بي ايل گرائونڊ ۽ نيشنل اسٽيڊيم اوول گرائونڊ تي ٿينديون.
ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن جي ڪپتانن ۾ ندا ڊار، فاطمه ثنا، منيبا علي، عاليا رياض ۽ سدرا امين شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.