صحت جي عالمي اداري بيماري ۽ موت جو سبب بڻجندڙ 17 خطرناڪ جراثيمن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي، ٽي بي، هيپاٽائٽس ۽ مليريا سبب هر سال 25 لک ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃن ٿا.
ڊبليو ايڇ او طرفان دوائن خلاف مزاحمت رکندڙ نمونيا ۽ ٻين بيمارين جي جراثيمن کي به خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي.
صحت جي عالمي اداري انهن جراثيمن جي ويڪسينز تي تحقيق تيز ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته انهن جراثيمن خلاف ويڪسين ٺهڻ سان نه رڳو موت جي شرح گهٽ ٿيندي پر بيمارين تي ٿيندڙ خرچ به گهٽجندو.
You might also like