برطانوي پارليامينٽ ماهرا خان کي لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

برطانوي پارليامينٽ اداڪارا ماهرا خان کي فني ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ خدمتن تي ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو.
ماهرا خان جي انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن کي برطانيا جي پارليامينٽ طرفان ساراهيو ويو ۽ کيس پارليامينٽ ۾ لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ان موقعي تي ماهرا خان چيو ته منهنجي ڪاميابي ۾ والدين، استادن، مينٽور، ساٿين ۽ مداحن جو وڏو ڪردار آهي، جڏهن مان چوندي هيس ته فلم اسٽار بڻجنديس ته ماڻهو کلندا هئا، انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ آسان نه هو پر مان جدوجهد ڪئي ۽ ڪاميابيون ماڻيون، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ خدمتن تي ايوارڊ سان نوازڻ تي ڏاڍي خوش آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.