ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 5 هزار 400 رپين جي وڏي لاٿ کانپوءِ في تولي سون جو اگهه 2 لک 76 هزار 800 رپيا ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 4 هزار 630 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 37 هزار 311 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 65 ڊالر گهٽجڻ سان 2762 ڊالر في اونس آهي.
You might also like