خواجا آصف، عمران خان جي آمريڪا حوالگي جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي مون کي نٿو لڳي ته ٽرمپ عمران خان جي آزادي جو چوندو.
خواجا آصف ايڪس تي لکيو ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته آمريڪا مان ڪال اچڻ جي دير آهي ۽ عمران خان کي ڪال ڪندڙن حوالي ڪيو ويندو ۽ پاڪستان ڪال تي انڪار جي جرئت نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته نواز شريف کي ڪال سان گڏ 5 ارب ڊالرن جي آڇ به هئي پر هن انڪار ڪيو ۽ ايٽمي ڌماڪو به ڪيو، جڏهن ته مشرف کي ڪال آئي ته هو ليٽي پيو ۽ جيڪو حڪم مليو، ان کان وڌيڪ تي راضي ٿي ويو.
سندس چوڻ هو ته 11/9 واري جنگ بند ٿي چڪي آهي، افغانستان ۾ امن آهي پر پاڪستان اڄ به دهشتگردي جي صورت ۾ نتيجا ڀوڳي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.