اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل آهن.
هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهريٰ بلوچ چيو ته صدر ۽ وزيراعظم نئين چونڊيل آمريڪي صدر کي مبارڪباد ڏني آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ ڀائيوار آهن، اسان جا هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا آهن.
هن چيو ته پاڪستان غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي، غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، غزا ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ گڏيل قومون پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل آهن: پرڏيهي ترجمان
You might also like