اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ذلفي بخاري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سامهون عمران خان جو معاملو اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
هڪ اخبار سان گفتگو ڪندي ذلفي بخاري، ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيم ۽ گهر ڀاتين سان رابطو هجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته آمريڪي صدر طرفان حلف کڻڻ کانپوءِ سندس ٽيم، ان جي ڌيءُ ايوانڪا ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر سان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ڳالهائيندس.
هن چيو ته مان عمران خان جي ڪيس سميت انساني حقن ۽ جمهوري قدرن جي ڀڃڪڙين ۽ قانون جي حڪمراني جي خراب صورتحال تي ڳالهائيندس، ٽرمپ جي دل ۾ عمران خان لاءِ نرمي آهي ۽ هو کيس ٻڌايل سزا تي ڳڻتيءَ جو اظهار به ڪري چڪو آهي.
Prev Post
You might also like