دنيا جي سڀ کان وڏي انساني پرچم جو رڪارڊ پاڪستان جي نانءِ

لاهور (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي انساني پرچم جو رڪارڊ پاڪستان پنهنجي نالي ڪري ورتو.
آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) لاهور جي ٻارن نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.
لاهور گيريزن ايجوڪيشن سسٽم جي شاگردن سڀ کان وڏو انساني پرچم ٺاهيو، انساني پرچم ٺاهڻ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو.
ان کان اڳ انساني پرچم ٺاهڻ جو رڪارڊ ڀارت وٽ هو، ڀارت جي 7 هزار 368 شاگردن هلندڙ سال انساني پرچم ٺاهي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪاردز ۾ نالو لکرايو هو.
نئون عالمي رڪارڊ يوٿ فيسٽيول ۾ ٺاهيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.