واهپيدارن جي حقيقي عمر جي تصديق لاءِ مصنوعي ذهانت کان مدد وٺڻ جو فيصلو

ميٽا، انسٽاگرام واهپيدارن جي عمر جي تصديق لاءِ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجيءَ ( اي آءِ ) جو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اِهو اي آءِ ٽول واهپيدار جي حقيقي عمر جي تصديق ڪندو، ڀلي واهپيدار پنهنجي عمر غلط ئي ڇو نه ٻڌائي.
جيڪڏهن اوهان پاڻ بابت غلط معلومات ڏيندئو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي حقيقي عمر جو تعين ڪري 18 سال کان گهٽ عمر وارن ماڻهن کي پاڻمرادو ٽين (Teen ) اڪائونٽس ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيندي.
واضح رهي ته ميٽا طرفان ٽين اڪائونٽس وارو فيچر سپٽيمبر 2024ع ۾متعارف ڪرايو ويو هو.
ٽين اڪائونٽس تيرنهن کان سترنهن سالن جي عمر وارن واهپيدارن لاءِ آهن ۽ ڪمپني طرفان نوجوانن جي تحفظ لاءِ اهڙن اڪائونٽس ۾ مختلف قسم جون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.
ميٽا ۾ هينئر تائين اهڙو ڪو به طريقيڪار موجود نه هو جنهن ذريعي ڪمپني پتو لڳائي سگهي ته سروس کي استعمال ڪرڻ وارن جي حقيقي عمر ڪيتري آهي؟
اِهو ئي سبب آهي جو ميٽا طرفان adult classifier نالي سافٽ ويئر ٽول تيار ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل ٽول واهپيدارن کي ٻن گروپن ۾ ورهائڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي.
هڪ گروپ 18 سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن جو هوندو جڏهن ته ٻئي گروپ ۾ 18 ورهين کان گهٽ عمر وارا واهپيدار شامل هوندا.
ميٽا جي يوٿ اينڊ سوشل امپيڪٽ ڊائريڪٽرايلسن هارٽينٽ موجب، ٽول صارف جي پروفائيل کي اسڪين ڪري ڏيکاريندو ته هو ڪهڙي قسم جو مواد ڏسي ٿو جڏهن ته سندس فالورز لسٽ به عمر جو اندازو لڳائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
حقيقت ۾ جنم ڏڻ جي پيغامن وسيلي به ٽول واهپيدار جي حقيقي عمر جي تصديق لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، اِهو فيچر ايندڙ سال سڄي دنيا جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.