ميلبورن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ ڪرڪيٽ آسٽريليا پيٽ ڪمنز جي جاءِ تي جوش انگلس کي وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر جوش انگلس پاڪستان خلاف شيڊيول ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم جي قيادت ڪندو.
ان کانسواءِ پاڪستان خلاف ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڪينگروز ٽيم جي ڪپتاني به جوش انگلس کي سونپي وئي آهي.
پاڪستان خلاف جاري ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ آسٽريليا جي سينيئر رانديگرن ڪپتان پيٽ ڪمنز، مارنس لبوشين، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل ووڊ کي آرام ڏنو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، نائب ڪپتان مچل مارش جي غيرموجودگيءَ سبب پيٽ ڪمنز جي بارڊر گواسڪر ٽرافي جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ جوش انگلس کي وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ قيادت جو تجربو رکي ٿو.
سليڪشن ڪميٽيءَ جي سربراهه جارج بيليءَ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڪپتان جو اعلان ڪندي چيو ته جوش انگلس ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو لازمي رڪن آهي، کيس آسٽريليا اي سميت ڊوميسٽڪ ميچن ۾ ڪپتاني جو تجربو آهي.
آخري ون ڊي ۾ سينيئر رانديگرن جي غير موجودگي سبب فاسٽ بالر زاويئر بار ٽليٽ ۽ اسپينسر جانسن سميت وڪيٽ ڪيپر بيٽر جوش فلپس ڪينگروز اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
You might also like