ڪمنز سميت پنج آسٽريلوي ڪرڪيٽر پاڪستان خلاف آخري ون ڊي نه کيڏندا

ايڊيليڊ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز سميت مچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ، مارنس لبوشين ۽ اسٽيو سمٿ پاڪستان خلاف ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ مان ٻاهر ٿي ويا آهن.
پنج ئي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڀارت خلاف بارڊر گواسڪر ٽرافي جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان خلاف آخري ون ڊي ميچ نه کيڏندا.
ٽين ون ڊي لاءِ زيوئير بارليٽ، اسپينسر جانسن ۽ جوش فلپس کي آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن لانس مورس کي ميلبورن ۾ ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو.
جوش هيزل ووڊ ٽيسٽ سيريز جي تياريءَ لاءِ شيفلڊ شيلڊ جي ميچ کيڏي هئي، جڏهن ته هو پاڪستان خلاف ٻي ون ڊي لاءِ دستياب هوندو.
ٽِين ون ڊي لاءِ جوش انگلس کي آسٽريليا جي ڪپتاني سونپي وئي آهي، هو پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به ڪينگروز جي قيادت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.