سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر کي پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪپتاني ملي وئي، هو بِگ بيش ۾ سڊني ٿنڊرز جي قيادت ڪندو.
سڊني ٿنڊرز ڊيوڊ وارنر کي قيادت سونپڻ جي تصديق ڪئي آهي، کيس ڪرس گرين جي جاءَ تي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ ڊيوڊ وارنر جو چوڻ آهي ته سڊني ٿنڊرز جي ٻيهر ڪپتاني هن لاءِ اعزاز آهي، سندس نالي جي اڳيان هاڻ ڪپتان لکيو ويندو. هو تمام گهڻو خوش آهي.
واضح رهي ته ڊيوڊ وارنر 2018ع ۾ بال ٽيمپرنگ جي سينڊ پيپر اسڪينڊل ملوث رهيو، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا مٿس تاحيات ڪپتاني ڪرڻ تي پابندي مڙهي هئي، ڊيوڊ وارنر پابندي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي هئي.
ٻه هفتا اڳ ڪرڪيٽ آسٽريليا ڊيوڊ وارنر جي نظرثاني اپيل تي معاملي جو نئين سر جائزو ورتو ۽ ساڍن ڇهن ورهين کانپوءِ مٿس مڙهيل پابندي ختم ڪئي.
You might also like