اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به ججن جو انگ وڌائڻ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميم ايڪٽ کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر سينيٽر عرفان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو.
ايوان ۾ سينيٽر ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو بل پيش ڪيو، جنهن تي ڳڻپ ٿي ۽ ان کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
پوءِ اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بل ۾ ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو.
بل جي منظوري دوران ايوان ۾ اپوزيشن سخت نعريبازي ڪندي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو، صورتحال کي ڏسندي سارجنٽ ايٽ آرمز کي طلب ڪيو ويو.
پوءِ بچاءَ واري وزير خواجا آصف پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن تي راءِ شماري ۾ ان جي حق ۾ ووٽ آيا ۽ پريزائيڊنگ آفيسر بل جي منظوري جو اعلان ڪيو.
خواجا آصف پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۾ ترميم جو بل 2024 پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961 ۾ ترميم جو بل به منظور ڪيو ويو.
قانون سازي سان سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو 3 سالن مان وڌي 5 سال ٿي ويندو، پوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
You might also like