ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مقبول اداڪارا فاطمه ثنا شيخ اعتراف ڪيو آهي ته هوءَ 2016 کان نيورو بيماري ”مرگي“ ۾ مبتلا آهي ۽ شروعاتي طور هن بيماري کي تسليم ڪرڻ ۽ دوائون کائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هڪ انٽرويو دوران فاطمه ثنا شيخ چيو ته 2016 ۾ رليز ٿيندڙ مقبول فلم ”دنگل“ جي شوٽنگ دوران کيس مرگي جي بيماري ٿي ۽ شروعاتي طور تي هن ان کي تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪيو ته کيس اهڙي ڪا بيماري آهي.
هن چيو ته مان نه رڳو بيماري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر دوائون به نه کاڌيون، جنهن سبب بيماري شديد ٿي وئي ۽ مون کي بيهوشي جا دورا وڌيڪ پوڻ لڳا.
سندس چوڻ هو ته هاڻ مان بيماري کي تسليم ڪري ورتو آهي ۽ نه رڳو دوائون کائيندي آهيان پر هر هنڌ ان بابت کليل نموني ڳالهائيندي آهيان، مون کي مرگي جهڙي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ تي ڪا شرمندگي ناهي.
You might also like