پاڪ بحريا جو مقامي طور تيار بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا مقامي طور تي تيار ڪيل بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ساڍا ٽي سئو ڪلو ميٽر رينج وارو ميزائل سسٽم زميني ۽ سامونڊي هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اهو نظام جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان پنهنجي رُخ ۽ رفتار کي تبديل ڪرڻ جي خاصيتن سان ليس آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ بحريا جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن تجربي جو مشاهدو ڪيو.
صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ڪامياب ميزائل تجربي ۾ حصو وٺندڙ يونٽس ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.