ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 83 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 43 هزار 227 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر واڌ سان 2735 ڊالر في اونس آهي.
You might also like