اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ فضائي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا قلم 144 تحت پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد طرفان زهريلي گئس خارج ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن موجب اهي حڪم فوري طور ايندڙ ٻن مهينن لاءِ لاڳو ٿيندا، جڏهن ته ڀڃڪڙي جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گاڏين، فيڪٽرين، بٺن مان زهريلي گئس خارج ڪرڻ سميت گند ڪچري ۽ فصل ساڙڻ تي پابندي هوندي.
You might also like