اسپين ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي، 200 کان وڌيڪ فوت

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ايندڙ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 214 تائين پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين ۾ 4 ڏينهن اڳ ايندڙ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 214 ٿي ويو آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 2 هزار ماڻهو گم آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گهرن ۽ ٻين جاين تي ڦاٿل آهن ۽ مدد جا منتظر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.